پوراني ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي

پوراني، ميرڪ سيد عبدالوهاب ٺٽوي: مير عبدالوهاب بن ميرڪ بايزيد ٺٽي جي شيخ الاسلام ميرڪ محمود جو سڳو ڀائٽيو هو ۽ بکر مان هجرت ڪري اچي ٺٽي ۾ رهيو. هن ميرزا شاهه حسن ارغون، ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ ميرزا محمد باقي ترخان جو سمورو زمانو ڏٺو. سندس مجلس هميشه زنده دليءَ ۽ علمي ذوق سان سرشار هوندي هئي، شاعريءَ جي فن ۾ مهارت رکندو هو. فقه جي علم تي عبور هئس، ان ڏس ۾ ’جامع فتاويٰ پوراني‘ سندس تصنيف مشهور آهي. ميرزا شاهه حسن کان جڏهن ميرزا ڪامران ابن بابر ميرزا سندس ڌيءَ ڪوچڪ بيگم جو رشتو گهريو، ته اهو به ميرڪ عبدالوهاب جي مشوري سان طئه ٿيو هو، پر ميرزا محمد باقي هڪ ظالم حڪمران هو، جنهن پنهنجي اميرن مان قاضي خميسي نالي هڪ شخص کي ميرڪ عبدالوهاب جي قتل لاءِ مقرر ڪيو. خميسي خان کي صلاح ڏني وئي ته جڏهن ميرڪ عبدالوهاب عيدگاهه مان عيدالفطر جي نماز پڙهي نڪري ته کيس قتل ڪري ڇڏي. جڏهن ميرڪ عبدالوهاب عيد الفطر جي ڏينهن نماز پڙهي جماعت سان گڏ مڪليءَ کان شهر اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪجهه ماڻهن هن تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، ساڻس گڏ سندس سئوٽ ميرڪ عبدالرحمان ولد ميرڪ محمود به مارجي ويو، هيءُ واقعو 990 هه/1582ع ڌاري پيش آيـو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو